اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٻارن جي ترقي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، انهن جي وقار ۽ سلامتي جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف پروگرامز ??رو?? ڪيا آهن، مختلف قدمن جي ذريعي قانون جي حڪمراني ۽ معاشي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، حڪومت ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ص??رتحال جي مسلسل نگراني ڪري رهي آهي ۽ انهي موجب ما??هن تي ان جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ حصيدارن سان گڏجي هر ممڪن مناسب قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن يونيورسل چلڊرن ڊي 2020ع جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو