اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، ??رع?? شعبي جو فروغ ۽ آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معيشت ۾ زراعت جي اهميت جي باوجود ماضي ۾ ان شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۽ ٽي??نالاجي جي فروغ کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو اسان جي آبادگارن ۽ ملڪي معيشت کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي ??رع?? شعبي جي بحالي جي حوالي سان سڌارن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، اقتصادي معاملن واري وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي واري وفاقي و??ير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي و??ير سيد فخر امام، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير محمود خان، خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر وقار مسعود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزيرن مخدوم هاشم جوان بخت، محمد سبطين خان، حسين جهانيان گرديزي، سيد صمصام حسين بخاري، سردار حسنين بهادر دريشڪ، تيمور سليم جهڳڙا، سيد محمد اشتياق، نجي شعبي جي نما??ند?? ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي مجموعي پيداوار ۾ ??رع?? شعبي جو حصو موجوده صلاحيت کان گهٽ آهي. اهڙي طرح ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار به خطي جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موثر حڪمت عملي ۽ آبادگارن کي مالي ۽ فني مدد جي فراهمي سان ??رع?? پيداوار جي تناسب کي سال 2031ع تائين 74 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ ملڪي مجموعي پيداوار ۾ ??رع?? شعبي جو حصو 49 ارب ڊالر رهيو جنهن ۾ 31 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ، هڪ ارب فشريز، جڏهن ته 17 ارب ڊالر ??رع?? فصلن جي مد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. سال 2000ع ۾ اهو حصو 20 ارب ڊالر هو جنهن ۾ 10 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ جڏهن ته فصلن جو حصو 10 ارب ڊالر هو. ان لحاظ کان گذريل 20 سالن ۾ ??رع?? فصلن جي پيداوار ۾ صلاحيت موجب سگهه کي استعمال نه ڪيو ويو.