سيالڪوٽ – 21 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ شفاف چونڊن جي لاءِ حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ طرف وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ شفافيت آڻيندڙ وزيراعظم جي خلاف سڀ چور گڏ ٿي ويا آ??ن، ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جو ڊسڪه مان اميدوار علي اسجد ملهي اليڪشن کٽي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته اها فوري طور تي چونڊ نتيجن جو اعلان ڪري، ڊسڪه جي عوام نواز شريف جي بيانيي، ڌوئنس، پئسي جي سياست کي سدائين جي لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگي قيادت جي هڪ مهيني جون ڳالهيون ٻڌو ته ان ۾ واضح طور تي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته اسان اليڪشن بندوق سان کٽينداسين. هو ڊسڪه ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، عثمان ڊار ۽ علي اسجد ملهي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽر شبلي فراز وزيرن سان گڏ پي ٽي آءِ جي فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي پ??نئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اسان هتي آيا آ??يون، سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ آيا آ??يون. هن چيو ته ??اڪ??تان مسلم ليگ (ن) سدائين ڌوئنس، پئسي، غنڊه گردي، قتل غارت جي سياست ڪئي آهي، هن اليڪشن ۾ به انهن پنهنجي اسپيشلسٽ ماڻهن جن ۾ راڻا ث??اء?? الله، جاويد لطيف ۽ ٻين کي ڊسڪه انهي مقصد جي لاءِ موڪليو آهي. هن چيو ته اڄ ڊسڪه ۾ تقرير ۾ واڳون وارا ڳوڙها وهندي ڏسي ماڊل ٽائون واقعو ياد اچي ويو جنهن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگن تي گوليون هلايون ويون، ماڊل ٽائون تي حملو راڻا ث??اء?? الله جي سربراهي ۾ ڪيو ويو آهي، اليڪشن کي آلوده ۽ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي لاءِ اهي قدم کنيا ويا. هن چيو ته ايتري ڪاوڙ ۽ دهشتگردي ان لاءِ آهي ته نواز شريف جي بيانيي کي شڪست ٿي رهي آهي، وزيرآباد جي اليڪشن، 2018ع جي اليڪشن جي نتيجن سميت هر اليڪشن ۾ هزارين ووٽن جو فرق آهي. هن چيو ته ڊسڪه ۾ (ن) ليگ 40 هزار جي ليڊ کنئي هئي ۽ اڄ اليڪشن هارائي رهيا آ??ن، انهن جي پ??رن هيٺان زمين نڪري رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو، نئين ??اڪ??تان ۽ تبديلي جو انهن کي ڊپ آهي، پي ٽي آءِ ائين ئي کٽيندي رهي ته انهن جي سياسي هڪ هٺي جو خاتمو ٿيندو.