اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??ي هٿياربند فوجن پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار پريڊ ڪئي، پريڊ ۾ ترڪ فوجي بينڊ، بحرين، فلسطين، عراق، سريلنڪا ۽ ترڪي جي پيراٽروپرز خصوصي طور تي شرڪت ڪئي، پريڊ دوران پاڪستان ??ي فتح نه ٿيڻ جوڳي عسڪري قوت جو زبردست مظاهر?? ڪيو ويو. حاضرين جو ملي جوش ۽ جذبو هڪ قوم هڪ منزل جي ٿيم جو حقيقي عڪاس هو. هٿياربند فوج جي پريڊ ۾ پهريون ڀيرو قومي جهنڊي کي 21 توپن جي سلامتي ڏني وئي. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ جنرل شيخ عيسيٰ بن خليفه، ڪمانڊر ي?? ڪي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ سر پيٽرڪ سينڊرز ۽ چي?? آف دي ڊفينس اينڊ ڪمانڊر سريلنڪن آرمي به پريڊ جو مشاهد?? ڪيو. شڪرپڙيان ??ي پريڊ گرائونڊ ۾ قومي علم کي 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي ۽ 105 فيلڊ ريجمينٽ قومي علم کي سلامي ڏني. تقريب ۾ بري فوج جي سربراهه چي?? آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه نشان ??متياز (ملٽري)، چيئرمين جوائنٽ چي??س آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، وائيس چي?? آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل سعيد نعمان ??لي هلال امتياز (ملٽري)، چي?? آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي هلال امتياز (ملٽري)، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، وفاقي وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن، فنڪارن، رانديگرن، صحافين ۽ شهرين جي وڏي تعداد يوم پاڪستان ??ي پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ روايتي بگل وڄائي پاڪستان ڏهاڙي جي پريڊ جي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي جي آمد جو اعلان ڪيو ويو جيڪو خصوصي لال بگي ۾ سوار ٿي پريڊ گرائونڊ پهتو. پريڊ خاص مهمان ??در ڊاڪٽر عارف علوي کي سلامي پيش ڪئي ۽ قومي ترانا ٻڌايو ويو. قومي تراني کانپوءِ قرآني آيتن جي تلاوت سان ??قريب جو باقاعد آغاز ڪيو ويو. هٿياربند فوج يوم پاڪستان پريڊ جي پريڊ ڪمانڊر خاص مهمان ??در ڊاڪٽر عارف علوي کان پريڊ جي معائني جي درخواست ڪئي. يوم پاڪستان پريڊ ۾ ايئر چي?? مارشل جي قيادت ۾ فلاحي پاسٽ جو مظاهرو ٿيو، جنهن ۾ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي جهازن فلائي پاسٽ ڪيو، صدر پاران پريڊ جي معائني کانپوءِ پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه فلائنگ پاسٽ جو شاندار ۽ مظاهر?? ڪيو ۽ پاڪ فوج جي دستن مارچ پاسٽ ڪيو، جڏهن ته پاڪستان ??ي دفاعي ساز ۽ سامان ??ي نمائش به ڪئي وئي.