اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ توانائ?? بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي اي اي) جو ??جل??س هتي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، ڪميٽي صنعتي صارفين لاءِ ايڪسٽينشن ٽائم آف استعمال (ٽي يو يو) ٽيرف اسڪيم جي تجويز جي پهرين مئلي 2021ع کان 30 جون 2022ع تائين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان پيڪيج کي اصل ۾ نومبر 2020ع ۾ منظور ڪيو ويو هو ۽ ان سان طئي ڪيو ويو ??و ته 30 اپريل 2021ع تي ختم ٿ??ڻ گهرجي. ڪميٽي پاور ڊويزن جي هڪ ٻي رپورٽ به پيش ڪئي جنهن ۾ ا??و تجويز ڪيو ويو ??و ته نيپرا کي جنريشن ٽيرف ۽ لائسنس جي زمره III منصوبن جي حوالي سان واپس وٺڻ جي هدايت ڪري سگهجي ٿي. ڪميٽي ان معاملي ۾ قانوني راءِ لاءِ معاملو لا ڊويزن ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ميري ٽائم افيئرز ڊويزن پورٽ قاسم، ڪراچي ۾ ٻن نون ايل اين جي ٽرمينلز جي قيام بابت اڳڀرائ?? بابت رپورٽ پيش ڪئي.