اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 2100 ارب ر??پيا ڪرڻ ۽ واڌ جي شرح جو هدف 4.6 سيڪڙو رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سمورا وڏا وزير ۽ ٻيا اين اي سي ميمبرن شرڪت ٿيا. اجلاس ۾ مالي سال 22- 2021ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ ج?? منظوري ڏني وئي، ايندڙ مالي سال لاءِ واڌ جي شرح جو هدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني وئي، ايندڙ مالي سال ۾ زراعت ۾ اضافي جو هدف 3.5 سيڪڙو، انڊسٽريل سيڪٽر 6.5 سيڪڙو، جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 4.8 سيڪڙو هوندو، منصوبابندي واري وزارت پاران مالي سال 22 -2021ع جو پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام پيش ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال لاءِ ترقياتي بجيٽ نظرثاني ڪاٿن موجب 1527 ارب ر??پيا رهندو، مالي سال 22 -2021ع جو ترقياتي بجيٽ 2100 ارب ر??پيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، پي ايس ڊي پي جو ماپو 900 ارب ر??پيا هوندو، ان مان 244 ارب ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪيشن، 118 ارب ر??پيا توانائي، 91 ارب ر??پيا آبي وسيلا، 113 ارب ر??پيا سوشل سيڪٽر، 100 ارب ر??پيا عل??ئقائي برابري، 31 ارب ر??پيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر، 68 ارب ر??پيا ايس ڊي جيز جڏهن ته 17 ارب ر??پيا پروڊڪشن سيڪٽر تي خرچ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي،ا جلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي جو محور انفراسٽرڪچر جي بهتري، آبي وسيلن جي ڊولپمينٽ، سوشل سيڪٽر جي بهتري، عل??ئقائي برابري، اسڪل ڊولپمينٽ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو فروغ ۽ ماحوليات جي حوالي سان قدمن هوندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايس ڊي پي ۾ حڪومتي پاليسي موجب انهن عل??ئقن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو جيڪي پوئتي رهجي ويون آهن، ان ڏس ۾ ڏکڻ بلوچستان، سنڌ جا ڪجهه ضلعا، گلگت بلتستان لاءِ مناسب فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن لاءِ به فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح ضم ٿيل عل??ئقن لاءِ 54 ارب ر??پين جا فنڊز مختص ڪيا ويا آهن،