??سل??م آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آه?? ته وڻڪاري جي فروغ لاءِ اسڪولن ۾ ننڍڙن ٻارن جي ترغيب ضروري آه??، تفريحي جاين کي صاف سٿرو رکڻ اسان جي اولين ذميواري آه??، موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي مثالي آه??، ماحوليات جي تحفظ لاءِ زرتاج گل ۽ ملڪ امين اسلم بهترين ڪم ڪيو آه??، پاڪستان وڻڪاري ۽ ڪوويڊ 19 جي حوالي سان زبردست ڪم ڪيو آه??، نوجوان نس?? پاڪستان کي سرسبز ۽ شاداب بڻائڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي، رستن ۽ کليل جاين تي هنيل وڻن جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آه??، گهر ۾ هنيل وڻن جي بهترين سارسنڀال سان انهن جي واڌويجهه بهتر ٿئي ٿي، ٻارن ۾ ماحوليات جي حوالي سان شعور اجاگر ڪري بهتري آڻي سگهجي ٿي. صدر هتي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مون ۽ ثمينه علوي حڪومت کان هڪ هڪ لک وڻ وٺي ماڻهن ۾ ورهايا ته جيئن ڪراچي ۾ وڻڪاري کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان اسڪول جي ننڍڙن ٻارن جي لاءِ خاص پينسلون تيار ڪرايون جن ۾ رٻڙ جي جڳهه تي خاص ڪيپسول لڳرائي انهن ۾ ٻج رکيا ۽ مختلف اسڪولن ۾ ننڍن ٻارن کان وٺي وڏي ڪلاس تائين جي ٻارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ وڻڪاري جي حوالي سان انهن کان معلومات ورتي. هن چيو ته خاص طور تي تيار ڪيل پينسلون اسڪول جي ٻارن کي ڏئي انهن کي چيو ته انهن کي پنهنجي گهرن ۾ گلدان ۾ لڳائين ته خوبصورت ٻوٽا نڪرندا. صدر چيو ته ڀاڻ ۽ دوائن جا اثر دير تائين رهن ٿا ان لاءِ انهن جي استعمال ۾ احتياط جي ضرورت آه??. هن چيو ته ماحوليات جي حوالي سان مملڪتي وزير زرتاج گل ۽ وزيراعظم جي خاص معاون ملڪ امين اسلم جي ڪارڪردگي شاندار آه??. هن چيو ته ماحوليات واري وزارت پنهنجي ڪارڪردگي سان دنيا کي ثابت ڪيو آه?? ته ماحوليات جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا دوران جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون دنيا انهن کي به تسليم ڪيو آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته ماحوليات واري وزارت عالمي اداري کان آڊٽ ڪرائي آه?? ۽ ثابت ڪيو آه?? ته انهن پنهنجي واعدي کان وڌيڪ ڪم ڪيو آه??. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن اترين علائقن ۾ وڃو ته اتي ڪچرو نظر اچي ٿو جنهن سان قدرتي حسن متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بزرگن جي ڀيٽ ۾ نوجوان نسل ماحوليات دوست آه?? ۽ اهي ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهي پڻ فراهم ڪري رهيا آه??. صدر هدايت ڪئي ته سياحتي جاين تي ريپرز، بوتلون ۽ ڪچرو نه اڇلايو وڃي پر ان کي مناسب طريقي سان تلف ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن انسان فطرت جي ويجهو هوندو آه?? ته ان کي سڪون ملي ٿو انهي لاءِ ماڻهو فطرت جي ويجهو رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سياحتي جاين تي ايندڙ ماڻهن کي صفائي ۽ ماحول دوستي جي حوالي سان خاص پيغام ڏنو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان پنهنجي ذاتي لالچ جي لاءِ پاڪستان جي قدرتي خوبصورتي کي متاثر ڪيو آه?? جڏهن ته هاڻي حڪومت باقاعده منصوبابندي سان فطرت جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻي رهي آه??. صدر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سياحت وڌي رهي آه?? ۽ اهڙي طرح روزانو 5، 5 اڏامون اسڪردو وڃي رهيون آه??. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪل آبادي 15 لک جي لڳ ڀڳ آه?? جڏهن ته هلندڙ سال اتي 20 کان 25 ل?? سياحن جي آمد متوقع آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ ماحوليات جي حوالي سان مختلف مسئلن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صدر چيو ته اسان جو فرض آه?? ته اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ ترجيحون طئي ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني عوام تي زور ڏنو ته پاڪستان ڪلين اينڊ گرين ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.