اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسي?? سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي ??مل?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي ??مل?? بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو ??ڻا??و پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ڪارروايون صوبائي ح??ومت جي چوڻ تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال جا واڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.