اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لف??ر طلحه طالب ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو ا??لم??ڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لف??ر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو ا??لم??ڪس ۾ نمايان پوزيشن حا??ل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظ??هر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.