دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل عرب ??مارات ۾ ره??دڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏيل عرب ??مارات جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل عرب ??مارات جي وزيراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل عرب ??مارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل عرب ??مارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري ره??ا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب ??مارات جي وزيراعظم کي پاڪستان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته پاڪستان پويلين پاڪستان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏيل عرب ??مارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏيل عرب ??مارات جي قيادت پنهنجي ملڪ کي علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل عرب ??مارات ۾ 16 لک پاڪستانين جي ميزباني تي گڏيل عرب ??مارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب ??مارات ۾ ره??دڙ پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ره??ا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر پاڪستان جي گڏيل عرب ??مارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري تعاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب ??مارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري ره??و آهي. گڏيل عرب ??مارات جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.