اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، چونڊ سڌارن بل سميت اهم بلن ??ي منظوري تي قو?? خاص طور تي سمنڊ پار پاڪستانين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ کان ووٽنگ جو پراڻو نظام ختم ٿي ويو آهي، اڳتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ٿينديون، چونڊ سڌارن تي بدقسمتي سان مخالف ڌر جو رويو منفي رهيو?? پارليامينٽ ۾ 70 بلن ??ي منظوري تي مخالف ڌر کي 70 ڀيرا شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، مخالف ڌر کي اڄ جي شڪست ڊگهي عرصي تائين ياد رهندي، مخالف ڌر سياسي ڄامڙن جي اتحاد ۾ جمع آهي جنهن جو نالو پي ڊي ايم آهي، مارشل لا جي جهولي ۾ پرورش ماڻيندڙن جي سياست سدائين ٻين جي ڪلهن تي رهي آهي، نواز شريف اينڊ ڪمپني سڄي زندگي ڪرڪيٽ به پنهنجي امپائرن کانسواءِ نه کيڏي، صبح ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته بلاول ۽ شهباز شريف شڪست کاڌل مانهو آهن، مخالف ڌر هن وقت مايوسي جو شڪار آهي، انهن ??ي مايوسين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هتي پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جي پارلياماني تاريخ جو اهم ترين ۽ تاريخي ڏينهن آهي?? پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم، چونڊ سڌارا بل سميت اهم بلن ??ي منظوري تي پوري قو?? مبارڪباد ??ي مستحق آهي، ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اڄ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي ووٽ جو حق اس??عمال ڪرڻ جي سهولت جو قانون منظور ٿيو آهي جنهن تي سمنڊ پار پاڪستانين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ کان اس??ن جو ووٽنگ جو پراڻو نظام ختم ٿي ويو آهي، اڳتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز تي ٿينديون، چونڊ سڌارن تي اس??ن ڏيڍ سال ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهي، ان اتفاق راءِ جي لاءِ وزيراعظم ۽ قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت پي ٽي آءِ جي پوري قيادت ڪوشش ڪئي، بدقسمتي سان چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر جو رويو منفي رهيو جنهن تي اس??ن کي اهو قانون اڪيلي ئي پاس ڪرڻو پيو. هن چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني سڄي زندگي ڪرڪيٽ به پنهنجي امپائرن کانسواءِ نه کيڏي، مارشل لا جي جهولي ۾ پرورش ماڻيندڙن جي سياست سدائين ٻين جي ڪلهن تي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صبح ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته بلاول ۽ شهباز شريف شڪست کاڌل ماڻهو آهن، اڄ اهم معاملن تي مخالف ڌر کي ٿيندڙ شڪست ڊگهي عرصي تائين ياد رهندي. هن چيو ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان تهريڪ انصاف ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ اڄ سينيٽ ۽ قو??ي اسيمبلي 223 ووٽ شو ڪيا جنهن ??ي مقابلي ۾ مخالف ڌر جي ووٽن جو انگ تمام گهٽ هو، حڪومت کي رڳو قو??ي اسيمبلي ئي نه پر سينيٽ ۾ به برتري حاصل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو اهو خواب کڻي ويٺل هئا ته اهي سينيٽ چيئرمين جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻيندا، اڄ انهن جون اکيون کلي ويون هونديون، اهڙن ماڻهن کي پنهنجي سياسي حيثيت جي خبر پئجي وئي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سميت اهم قانونسازي ٿي، اينٽي ريپ ترميمن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ ترميمون پيش ڪيون ويون آهن، انهن ترميمن تحت خصوصي عدالتون قائم ٿينديون ۽ ريپ جي ڪيسز کي ڏسڻ جي لاءِ خصوصي انويسٽيگيشن سيل جوڙيا ويندا. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عورتن جي لاءِ وراثت جي قانون ۾ ترميم آڻي سهولتون پيدا ڪيون آهن، اڄ تائين ڪنهن حڪومت ان بابت سوچيو ئي نه هو. هن چيو ته مخالف ڌر شيڊيول ٺاهي رکيو آهي ته هڪ هفتي فوج جي خلاف بيان ڏيڻا آهن، ٻئي هفتي فوج سان ڊيل ڪرڻي آهي، ٽئين هفتي عدليه جي خلاف ٿيڻو آهي ۽ چوٿين هفتي عدليه سان ڊيل ڪرڻي آهي، مخالف ڌر ۾ قيادت جي کوٽ آهي، اهي سياسي ڄامڙا هڪ اهڙي اتحاد ۾ جمع آهن جنهن جو نالو پي ڊي ايم آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو اڄ جيڪي تقريرون ڪيون اهي شڪست کاڌل ۽ ٿڪل پهلوانن جون تقريرون هيون، اهي سڀ هن وقت مايوسي جي عالم ۾ آهن، انهن ??ي مايوسين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جي عوام لاءِ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊن جو بنياد رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف سدائين اتفاق راءِ جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن اس??ن مخالف ڌر کي اتفاق راءِ جي لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني ته انهن اس??ن جي آفر رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي ضد ڇڏي، اهي اس??ن کي نه ٿا هارائي سگهن، مخالف ڌر پهرين سال زور لڳايو اس??ن کي نه ڪڍي سگهي، ٻئي سال زور لڳايو ناڪام رهي، هاڻي ٽئين سال به اها ناڪام ٿي وئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اهي ٿڪل پهلوانن جو ڪم نه آهي، مخالف ڌر پنهنجي حڪمت عملي ۾ تبديلي آڻي، قو??ي مفاد ۾ قانونن کي اس??ن اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ 70 بلن تي ووٽنگ ٿي، 70 ڀيرا مخالف ڌر کي شڪست ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالت ۾ هر شيءَ چئلينج ٿي سگهي ٿي?? پارليامينٽ جي ڪارروائي آهي، ٻنهي ايوانن انهن بلن ??ي منظوري ڏني آهي، انهن کي چئلينج ڪرڻ آسان نه هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر کي دعوت ڏيان ٿو ته انهن کي ايوان جي 70 ڀيرا ڳڻپ تي يقين نه آهي ته ميڊيا ۾ پنهنجا 224 ماڻهو ظاهر ڪري ڇڏين. هن چيو ته اتحادين جهڙي طرح اس??ن کي سپورٽ ڪيو ان تي انهن جا ٿورا مڃون ٿا، تحريڪ انصاف جا اتحادي شيهي جي ديوار وانگر اس??ن سان گڏ بيٺل آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته اليڪشن ڪيئن ٿيڻي آهي اهو پارليامينٽ کي طئي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.