اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان پ??ڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن، انهن جي حوصلا افزائي نئين پ??ڪستان جو ويزن آهي، اسٽارٽ اپس پروگرام نوجوانن جي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهي، جن معاشرن ۾ نئين تصورن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي اهي ئي ترقي ڪن ٿا، اسان کي پ??هنجي نوجوانن کي ذهني آزادي ڏيڻي آهي، موجوده حڪومت انهن کي مڪمل تعاون ۽ سرپرستي مهيا ڪندي، اسان پ??ڪستان کي اهو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو 60ع جي ڏهاڪي ۾ بڻجڻ وڃي رهيو هو، انشاءَ الله پاڪستان پوري خطي جي قيادت ڪندو. هو انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وزارت جي اهتمام هيٺ اڪنائٽ جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز اسٽارٽ اپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.