اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون ??ڪو??ت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وف??قي ڪابينا جي اجلاس ک??نپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزي??اع??م جي خاص مددگ??ر ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري ??ڪو??ت کي هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.