اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ?? معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي س??ح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، و??ير??عظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي س??ح تي وڌيڪ 500 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽيلٽي اسٽورز و??ير??عظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، و??ير??عظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.