اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلمن کي بي نق??ب ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي پاليسي جا ??مر سامهون اچڻ لڳا آهن، گ??يل قومن سميت عالمي برادري ڀارت جي قدمن تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪيون وڃن، عالمي مبصرن کي والاريل ڪشمير وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، غيرانساني لاڪ ڊائون فوري ختم ڪيو وڃي، خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. سينيٽ ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال ت?? ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي چيو ته ڪورونا وبا کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي.