اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد ع??ر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته 20 جو?? تي سڄي پاڪستان ۾ ڪورونا جا 2969 مريض آڪسيج?? تي ۽ 546 وينٽي ليٽرز تي هئا، ڪالهه الحمدالله اهو انگ گهٽ ٿي آڪسيج?? تي 1762 ۽ وينٽي ليٽرز تي 394 هئا، ??عن?? 28 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو ته سمارٽ لا?? ڊائون ۽ ايس او پيز جي ان??ظا??ي ڪارروائي جو ۽ سڀ کان اهم عوام جي بهتر طرز عمل جي ڪاميابي نمايان آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته ڪورونا جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حفاظتي تدبير?? تي عمل ڪنداسين ته صحت به محفوظ هوندي ۽ روزگار به هلندو رهندو، نه ته جيڪو آمريڪا، برازيل ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي خدا نه ڪري اسان وٽ به ٿي سگهي ٿو.