اسلام آبا?? – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??فغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ??در سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آ??ي. ??زيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آ??ي. ??ن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.