اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پاڪستان جي ماهيگيري جي پاليسي بابت اج??اس هتي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پاڪستان جي ماهيگيري جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کان آگاه ڪيو، اج??اس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ماهيگيري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماهيگيري جي شعبي جي استحڪام سان پ??ڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.