اسلام آباد-28 سيپٽمبر (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??فغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگار ماحول جڙي رهيو آهي، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ امن جي ??وا??ي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي ??وا??ي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جون نيون راهون کُلنديون، ان ??وا??ي سان واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرم??ن عبدالله عبدالله سان ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ??فغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪيو اها دنيا ساراهي رهي آهي.