اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قي??ر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري ملاقات ڪئي جنهن ۾ بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پير نور الحق قادري قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? جي افغانستان جي لاءِ نئين ??يز?? پاليسي جي منظوري جي لاءِ ڪردا?? جي واکاڻ ڪئي، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته افعانستان جي لاءِ نئين ??يز?? پاليسي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، اسپيڪر اسد قي??ر بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بنيادي حقن کي بري طرح پائمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان فيصلي سان پوري مسلمان امت جا جذبا مجروح ٿيا آهن.