اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلمانن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اق??س جي حوالي سان گستاخا??ا خاڪن ۽ ان سان مسلمانن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم ??ه جي شان اق??س ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخا??ا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز سان ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ ٿيو.