لاهور – 16 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي ۽ گهربل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل سڀني وسيلن ۽ ضرورتن کان مڪمل آ??اهي هجڻ ضروري آهي، آبادي ۾ اصافي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ فيملي پلاننگ تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا کي پنهنجو ڀرپور ڪر??ار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي اهتمام هيٺ گورنر هائوس ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ خاص مهمان جي طور تي خطاب ڪ??دي ڪيو.