اس??ام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پک??ڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ا??م ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پک??ڙي رهي آهي، ٻنهي جي ڪوڙ جو واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گذريل رات مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي ا??ا ئي حالت هئي جيڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم جي ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.