اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اطلاعات واري ڪميٽي ۾ چيئرمين نيب جي طلبي کي کل جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو مقصد هر پليٽ فارم کي غلط استعمال ڪري نيب کي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، براڊشيٽ معاملي تي وزيراعظم عمر??ن خان انڪوائري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آ??ي جيڪا 45 ڏينهن ۾ براڊشيٽ معاملي تي لاڳاپيل ماڻهن، ڪردارن ، وزيرن ۽ وڪيلن جي تحقيقات ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپو??ِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو ??و.