اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 33 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 وينٽيليٽرز تي مو??ود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ ??زا?? 270 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 29 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪ??و، لاهور ۾ 35 سيڪ??و، پشاور 25 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪ??و، ملتان ۾ 23 سيڪ??و، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 ??زا?? 280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 ??زا?? 846، پنجاب ۾ 11 ??زا?? 273، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ??زا?? 280، اسلام آباد ۾ 5 ??زا?? 397، بلوچستان ۾ 595، گلگت بلتستان ۾ 375، آزاد ڪشمير ۾ 514 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 ل?? 18 ??زا?? 164 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 29 ??زا?? 981 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 60 ??زا?? 363 آهي .