اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهرن ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته روز مره جا معاملا متاثر ٿيندا، اسان آڪسيجن جي استعمال جي 90 سيڪڙو صلاحيت تي پهچي ويا آهن، لاهور سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، احتياط ڪيو، ٻيو ڪو به چارو نه آهي.