اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپوره وڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ٿيو هج?? ۽ ??اڪستان ان کي عزت ڏني هجي اهو ڪيئن پاڪستان نه کپي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آهي. ه?? نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائ?? رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ اهڙو ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هجن، پاڪست??ن جي هر باشعور ماڻهو جاويد لطيف جي بي??ن جي مذمت ڪئي آهي.