اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. ??ڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون ج??هن مان 41 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن ج??ن ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دورا?? سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 303 ماڻهن جا ڪور??نا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن ج?? تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 48 سيڪڙو، لاهور ۾ 27 سيڪڙو، بهاولپور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن ج?? سهولت وارن بسترن تي ڪور??نا جي مثبت ڪيسن ج?? تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 30 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 ۽ پشاور ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 824 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 972، پنجاب ۾ 11 هزار 497، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 375، اسلام آباد ۾ 3 هزار 682، بلوچستان ۾ هڪ هزار 222، گلگت بلتستان ۾ 386، آزاد ڪشمير ۾ 690 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائي?? سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن ج?? انگ 8 لک 71 هزار 669 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 361 مريض آهن. ??ڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪ??سز جو انگ 44 هزار 236 آهي. ??ڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس کان متاثر ماڻهن ج?? انگ 9 لک 37 هزار 434 آهي.