اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذ??يرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي. تاريخ گواهه آهي ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊي?? نه ٺهي سگهيا، تربيلا جو پنجون توسيع منصوبو 807 بلين ڊالر جي لاڳت سان 2024ع ۾ م??مل ٿيندو ان منصوبي جي ڪري تربيلا ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي ذ??يرن تي اهڙي طرح جو ڪم ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پاڻي ذ??يرن جي منصوبن ۾ گِهري دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ڊي??، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊي??، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪڇي ڪينال، سنڌ بئراج، ڪي فور واٽر سپلائي پروجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊي?? ۽ نئين گاج ڊي?? پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آبي ذ??يرن جا اهي 10 منصوبا م??مل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذ??يرو ٿيندو هن چيو ته انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ ملازمتن جا موقعا ميسر ايندا. ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران خان لاءِ سڀني وفاقي اڪاين جا آبادگار برابر آهن، هو سڀني جي هڪجهڙي ترقي جو خواهشمند آهي.