اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 جهاز افغانستان جي عوام لاءِ امدادي س??مان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو جهاز حامد ڪرزئي عالمي هوائي اڏي تي لٿو. افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امدادي س??مان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان جي سفير منصور احمد خان چيو ته پاڪستان پاران افغانستان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته امدادي س??مان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي س??ڪاري ۽ نجي شعبي س??ن گڏوگڏ خيراتي ادارن پاران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امدادي س??مان افغانستان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يقيني ط??ر تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ هن وقت افغان عوام جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوالي س??ن عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان عوام جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪندو. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت افغانستان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان افغانستان جي حوالي س??ن تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي س??تي س??ن عمل پيرا آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان افغانستان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته افغان عوام پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار کي س??راهي ٿي.