اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي ??رڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي ??وجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي ??م منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ??دد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي ??رڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي ??راهمي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنمارڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي ??م منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ج?? دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنمارڪ جي دوري ج?? دعوت ڏني.