اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڀارت اف??انستان ۾ حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ ڪوڙن ۽ غلط بيانئي ک?? هوائي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان ماضي وانگر اڄ به پنهنجي مخلصاڻين ۽ حقيقتن تي ٻڌل موقف پيش ڪري رهيو آهي، اڄ اف??انستان ۽ دنيا هڪ اهم موڙ تي آهن، اف??انستان ۾ انساني بحران نه ٿئي ان لاءِ عالمي برادري تي ??جت??اعي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته طالبان سان انگيجمينٽ ڪجهه ملڪن لاءِ سياسي طور مشڪل ضرور ٿي سگهي ٿي ليڪن هي هڪ نازڪ موقعو آهي. قومي سلامتي جي صلاحڪار برطانوي رسالي ”دي ا??ڊپينٽ“ ۾ شايع ٿيل مصمون ۾ لکيو آهي ته اف??انستان مان فوجين جي واپسي جي اف??اتفري کان پاسو ڪرڻو هو، بدقسمتي ڀارت جهڙن علائقائي بگاڙ پيدا ڪندڙن ڪوڙي بيانئو بڻائي حقيقت کي لڪائڻ هو. اف??انستان ۾ بين الاقوامي ڪوششون اف??ان عوام جي نظر ۾ جائز ناهن. هن چيو ته پاڪستان اف??انستان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ هميشه ڳالهين ۽ سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، اسان جي مشوري کي نظر انداز ڪيو ويو جڏهن ته اف??انستان جي جنگ سان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي. اسان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ بدران اسان تي ڊبل گيم جا الزام لڳايا ويا. حقيقت اها آهي ته اسان 80 هزار کان وڌيڪ معصوم جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ معاشي نقصان جو بار کنيو.