اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ز??زل?? جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ز??زل?? جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي ح??ومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي ح??ومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر ممڪن ت??اون فراهم ڪندي.