اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي، صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گ??هه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي.
اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا کانپوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندا?? هر سال 10 لک روپين تائين صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪري ??گهندو، ان گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻي معياري ??لاج غريبن کان ويندي وچولي طبقي تائين جي هر ماڻهو کي ميسر هوندو. چو??ري فواد حسين چيو ته صحت، تعليم ۽ چار بنيادي ضروري ??ين اٽي، کنڊ، دال ۽ گ??هه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون، هن چيو ته صحت ڪارڊ پروگرام پنجاب ۾ انشاءُ الله ڊسمبر کان شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊز ملي ويندا. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته صحت ڪارڊ عوام پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري ??گهندا. سرڪاري ??ي نه پر نجي ڊاڪٽر ۽ اسپتالُون به هاڻي عوام جي علاج لاءِ بنا معاوضي ميسر هونديُون. پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون ٺاهي ڪابينا جي حوالي ڪيو ويو آهي، 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڃي سگهي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن.