اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??فغ??ن عوام کي انساني بحران کان بچائڻ هر هڪ جي اخلاقي ذميواري آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان برطانوي نشرياتي اداري جي ??فغ??ن عوام کي درپيش غذائي کوٽ جي خطري بابت رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته مون ??فغ??نستان ۾ انساني بحران کان اڳ ئي خبردار ڪري ڇڏيو ??و، هاڻي خوراڪ جي عالمي اداري جي سربراهه الرٽ جاري ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان ??فغ??نستان کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو پر عالمي برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. برطانوي نشرياتي اداري پنهنجي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ته ??فغ??نستان ۾ خزان جي موسم ۽ سرديءَ جي موسم ج?? شروعات سان ڪيترن ئي علائقن سوڪهڙي جون خبرون اچي رهيون آهن ۽ ??فغ??ن عوام کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ??فغ??نستان ۾ عوام کي خوراڪ جي سخت کوٽ درپيش آهي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ سخت سرديءَ جي ڪري اهو بحران خوفناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنهن گذريل ڏينهن ڪابل جو دورو ڪيو ??و، ان به صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته زمين تي بدترين انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، ??فغ??نستان ۾ 95 سيڪڙو عوام کي ناڪافي خوراڪ جا مسئلا درپيش آهن، 2 ڪروڙ 30 لک عوام بک طرف وڌي رهي آهي.