اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته شڪ??ت جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف مودي ئي ??ري سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئي?? ۾ ??ملڪتي وزير 27 فيبروري 2019ع تي پاڪ فضائيه جي شاهينن جو نشانو بڻجندڙ ڀارتي مگ جهاز جي پائليٽ اڀي نندن کي ڀارت جي ٽئين سڀ کان وڏي فوجي اعزاز ڏيڻ جي تقريب جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته شڪ??ت جو جشن ملهائڻ ۽ اڀي نندن کي وير چڪر سان نوازڻ صرف نريندر مودي ئي ??ري سگهي ٿو. هن ڀارتي وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته هو احمقن جي جنت ۾ پنهنجو قيام جاري رکي. واضح رهي ته ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند سومر تي اڀينندن کي فيبروري 2019ع ۾ مبينه طور تي پاڪستاني فضائيه جو ايف 16 جهاز ماري ڪيرائڻ تي ”وير چڪر“ ڏنو آهي، پاڪستان ڪيترائي ??يرا ان ڀارتي دعويٰ جي ترديد ڪري چڪو آهي ۽ آمريڪي اخبار فارن پاليسي پنهنجي رپور?? ۾ ??ڌايو هو ته آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي اهلڪارن پاڪستان ايف 16 جهازن جي ڳڻپ ڪئي آهي ۽ اهي تعداد ۾ پورا آهن، آمريڪي عملدارن پاران اهو بيان ان ڀارتي دعويٰ کي مڪمل طور تي ڪوڙو ثابت ڪري چڪو هو.