اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي فراڊ سبب متاثر ماڻهو کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، نيشنل بئنڪ فراڊ سبب متاثر شهري کي 5 لک روپين جي رقم لازمي واپس ڪري. ايوان صدر جي مي??يا ونگ مان جاري بيان موجب صدر چ??و ته افسوس آهي ته بئنڪ پنهنجي ئي مينيجر جي هٿان فراڊ جو نشانو بڻجندڙ صارفين کي انصاف نه ڏئي رهيو آهي، ??يص?? آباد جي شهري محمد عبدالرشيد بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ وقت 5 لک روپيا بئنڪ مئنيجر وٽ جمع ڪرايا، اڳوڻي برانچ مينيجر اختر حسين صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد شهري کي ڏني پر رقم اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرائي جڏهن ته 56 شهرين سان فراڊ جي ذريعي 9 ڪروڙ 80 لک روپين جي رقم ڦٻائي وئي، شهري بئنڪ کان رقم واپسي لاءِ رابطو ڪيو پر ڪو به رليف نه ملي سگهيو جنهن تي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ بئنڪنگ محتسب کي درخواست ڏني جنهن رقم واپسي جو حڪم ڏنو، نيشنل بئنڪ رقم واپس ڪرڻ جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته بئنڪ مينيجر جي صحيح ۽ ٽپو لڳل رسيد درست آهي ۽ بئنڪ ان جي پابندي جي مجاز آهي، شڪايت ڪندڙ درست رسيدن تي بئنڪ احاطي ۾ حاضر سروس بئنڪ مينيجر کي رقم جمع ڪرائي، بئنڪ مينيجر جو قدم بي ضابطگي ۽ بدانتظامي جي زمري ۾ اچي ٿو، صدر چ??و ته بئنڪ شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ رد ڪرڻ ۽ پنهنجُون قانوني ذميداريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، بئنڪ محتسب جو ??يص??و رد ڪرڻ جو ڪو به جواز پيش نه ڪيو ان لاءِ اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.