اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اه?? سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ف??خ حبيب چيو ته اڪبر ايس بابر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي ته ٻڌايو ته اها ڪٿي آهي؟ اڪبر ايس بابر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپ??رٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ايس بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ان رپ??رٽ ۾ اهڙو ڪجهه نه آهي، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپ??رٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، ف??خ حبيب چيو ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌائين ته اه?? ڪير آهن، هن چيو ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چيو ته اس??ن جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته جلد ک??ن جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باق?? سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. ف??خ حبيب چيو ته مولانا فضل الرحم??ن جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چيو ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪ??رٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، ف??خ حبيب چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد ک??ن جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چيو ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اه?? پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اه?? به پاڪستانين جي وچ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪجهه نه نڪتو.