اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪراچي ۾ سينيئر صحافي اطهر متين جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪ??دي متا??ر خاندان سان دلي تعزيت ڪئي آهي. اطلاعات واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ڪراچي ۾ لاء اينڊ آرڊر ڪ??ٽرول ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي. اندرون سنڌ ۾ به صحافين تي هر ٻئي ڏينهن حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت قلم ۽ مائيڪ جي تحفظ جي لاء?? قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي کي سيف سٽي بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي. هن چيو ته متا??ر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. الله تعاليٰ اطهر متين کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.