اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئن??نگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئن??نگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ کاتيدار?? کي 709 ملين رپين جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفي?? کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئن??نگ محتسب محمد ڪامران شهزاد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئن??نگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئن??نگ محتسب گذريل سال دوران بئن??نگ فراڊ بابت 37000 کان وڌيڪ معاملن ۾ کاتيدار?? کي 709 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئن??نگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفي?? کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئن??نگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 شڪاي??ن مان 18000 کان وڌيڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌيڪ چيو ته ڪل 37364 شڪاي??ن مان 25231 شڪايت?? کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪاي??ن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئن??نگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئن??نگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثري?? کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئن??نگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدم??ن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.