اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته اوورسيز انويسٽرز چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آئي) اسان جي حڪومت تحت مل?? ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم ??يو ته او آءِ سي سي آئي اسان جي حڪومت تحت مل?? ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. او آءِ سي سي آئي کي يقين آهي ته سال 2021ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي مل??ن مان ڇهن مل??ن کان بهتر آهي. 2019ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي مل??ن مان ٽن مل??ن کان بهتر هو. وزيراعظم ??يو ته او آءِ سي سي آئي موجب 68 سيڪڙو سيڙپڪارن ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي واڌويجهه جي اميد ظاهر ڪئي آهي، 2019ع ۾ اها شرح 27 سيڪڙو هئي. وزيراعظم ??يو ته مل?? ۾ ڪاروبار جي لاءِ ماحول ۾ نمايان بهتري جي ڏس ۾ اوورسيز انويسٽرز چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي موقعن بابت عالمي روڊ شوز منعقد ڪرڻ چاهي ٿي.