اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ سال تائين 45 لک خاندانن کي پن??نجو ڪارو??ار شروع ڪرڻ ۽ گهرن ??ي اڏاوت جي لاءِ هڪ هزار ارب رپين جا بنا وياج قرض ڏنا ويندا، گهرن جي تعمير لاءِ بئنڪن هيستائين 45 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن، ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، هلندڙ مهيني جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان وٽ صحت ڪارڊ هوندو جنهن جي ذريعي اهي ڪنهن به سرڪاري ۽ ن??ي اسپتال مان پن??نجو علاج ڪرائي سگهندا، جيترو وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيندو حڪومت عوام جي ڀلائي تي وڌيڪ خرچ ڪندي، پاڪستان کي ان رستي تي وجهي ڇڏيو آهي جنهن جو خواب علامه اقبال ڏٺو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت فيصل مسجد ۾ بنا وياج قرض جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو مقصد هڪ مٿالي اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ هو. نبي ڪريم ﷺ مديني جي جيڪا مثالي رياست قائم ڪئي ان ۾ ڪير قانون کان مٿانهون نه هو ۽ رياست معاشري جي ڪمزور طبقي جي ذميواري کنئي هئي. بدقسمتي سان اسان ان نظريي تان هٽي وياسين جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جو بنياد هو. دنيا جا ڪيترائي غيرمسلمان ملڪ مديني جي رياست ??ي اهم اصولن کي اختيار ڪري ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ٿي ويا جڏهن ته مسلمان ان کي رد ڪري زوال جو شڪار ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪيو آهي. حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته دنيا ۾ ان جون قيمتون مٿي وڃي رهيون آهن. اسان وٽ جيترو وڌيڪ پ??سو هوندو عوام تي ايترو ئي وڌيڪ خرچ ڪنداسين ۽ ريليف ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته 45 لک خاندانن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي شروع ڪئي آهي، ان جي شروعات پٺتي پ??ل علائقن کان ڪئي. ڳوٺن ۾ ساڍا 3 لک رپين تائين جڏهن ته شهرن ۾ 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا ته جيئن ماڻهو پن??نجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. گهر جي تعمير لاءِ 20 لک رپيا قرض ڏنو ويندو. حڪومت نوجوانن کي مختلف هنر سيکاريندي ته جيئن اهي پن??نجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن، نوجوانن کي 6 کان 12 مهينن ۾ آءِ ٽي جي ضروري تربيت ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم چيو ته ايندڙ سال تائين 45 لک خاندانن کي هڪ هزار ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا. حڪومت جي قدمن جو مقصد عوام کي پن??نجي پ??رن تي بيهارڻ آهي ته جيئن ماڻهو پن??نجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿي سگهن ڇو ته حڪومت هر ڪنهن کي نوڪري نه ٿي ڏئي سگهي. وزيراعظم چيو ته پن??نجي گهر جي تعمير هر شخص جو خواب هوندو آهي، بئنڪون اڳ ۾ عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون ۽ رڳو پئسي وارا ماڻهو ئي پن??نجو گهر تعمير ڪري سگهندا هئا. وڏي انگ ۾ ماڻهو ڪچي آبادين ۾ رهن ٿا. ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪچي آبادين جا رهواسي آهن. حڪومتي قدمن جي ڪري بئنڪون پگهاردار طبقي کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ قرض ڏئي رهيون آهن. 45 ارب رپين جا قرض هيستائين فراهم ڪيا ويا آهن. ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. حڪومت گهر جي تعمير جي لاءِ قرضن تي سبسڊي ڏئي رهي آهي ته جيئن عام ماڻهو تي گهٽ ??ار پوي. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ هلندڙ مهيني جي آخر تائين هر خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو جنهن جي ذريعي اهي ڪنهن به سرڪاري يا پرائيويٽ اسپتال مان پن??نجو علاج ڪرائي سگهندا. اڳ ۾ عام ماڻهو رڳو سرڪاري اسپتالن ۾ ئي علاج ڪرائي سگهندا هئا ڇو ته انهن وٽ علاج جي لاءِ پ??سو نه هوندو هو. هيلٿ ڪارڊ جي ڪري پ??تي پ??ل ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ن??ي اسپتالون ٺهنديون ڇو ته اتي به ماڻهن وٽ صحت ڪارڊ ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج جي سهولت هوندي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان ڪامياب پروگرام تحت بنا وياج قرض وٺندڙ شهرين ۾ چيڪ ورهايا.