اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پا??لي??ماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پا??لي??ماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پا??لي??ماني ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان لڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پا??لي??ماني ايسوسيئيشن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪ??مت جا اعليٰ ??ملدار به ان موقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پا??لي??مينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پا??لي??مينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پا??لي??ماني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پا??لي??ماني ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو، ان موقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پا??لي??مينٽ ميمبرن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي به ساراهيو.