اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيٽزرلينڊ جي سفير مل??قات ڪئي. پرڏيهي وزارت ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب سوئيٽزرلينڊ جي سفير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مب??رڪ??اد ڏني. پرڏيهي وزير سوئس سفير جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ پهرين 10 سيڙپڪار ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀليڪار چونداسين.