اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيو??هن کي انشورنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيو??هن کي گروپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر م??نن جي بيو??هن کي گروپ انشورنس ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيو??هن کي 10 سالن تائين انشورنس جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيو??هن کي گروپ انشورنس جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيو??هن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيو??هن پنهنجي گهروارن جي گروپ انشورنس جي رقم جي لاءِ اسٽيٽ لائيف کي درخواست ڏني هئي، ر??م نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن انشورنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ لائيف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس انشورنس جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي سان ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ انشورنس جا حقدار آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل رد ۽ بيو??هن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن انشورنس ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. انشورنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گروپ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف انشورنس بيو??هن کي ??نه?? جي گهروارن جي انشورنس جي رقم ادا ڪري.