اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ انوويشن حب جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته نوجوانن کان جديد آئيڊياز حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ هڪ سيل قائم ڪنداسين، جنهن ۾ هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي جديد آئيڊياز ڏيندا ۽ انهن کي قومي پاليسي سازي ۾ شامل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف بٽڻ دٻائي انوويشن حب جو افتتاح ڪيو. ان ??وقعي تي وزيراعظم شهباز شريف شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي هڪ انقلابي پروگرام آهي، اسان جي معاشري ۾ پاليسي سازي ۾ ماهرن جي ڪردار جي کوٽ آهي، ان ??روگرام جو مقصد ??اڪ??تان سميت سڄي دنيا ۾ هوشيار ۽ قابل ??اڪ??تانين کي پاليسي سازي جو لازمي حصو بڻائڻو آه??، جنهن سان جديد خيالن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جديد علم، تحقيق ۽ تجربن جي اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي قدر آهي، ان خلا کي پُر ڪرڻ جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ذاتي طور تي ان ??روگرام کي اجاگر ڪندو ۽ قوم جي هوشيار نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ان ??روگرام ۾ بزرگ شهرين پاران ??وس تجويزون ۽ آئيڊيا ايندا ته ان جي آجيان ڪنداسين ۽ انهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ??اڪ??تان ??ر لحاظ سان ترقي ڪري ۽ جديد دور جي گهرجن سان ??م ??هن?? ٿئي. دنيا تحقيق ۽ جديد تعليم ۾ آسمانن جون بلنديون ڇُهي رهيون آهن، اتي تحقيقي مقالا لکيا ويندا آهن ۽ انهن کي بحث هيٺ آڻي آئيڊياز مان ??ائدو ورتو ويندو آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سرب??اه?? سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم جي پبلڪ پاليسي جا قدم جيڪي عوام جي سڌوسنئون فائدي بابت آهن، ان ۾ عوام جي سڌوسنئون شموليت سان انهن جا مسئلا حل ٿيندا، انهي سلسلي ۾ وزيراعظم جي حڪمن تي انوويشن حب جو آغاز ڪيو پيو وڃي. اسان عوام کي پبلڪ پاليسي ۾ شريڪ ڪري رهيا آهيون. ان انوويشن حب جي ذريعي عوام پاران ايندڙ مختلف آئيڊياز کي شامل ڪيو ويندو ۽ چونڊيل آئيڊيا ڏيندڙن کي 15 آگسٽ کان ??ي ٽي وي تي شروع ٿيندڙ پروگرام ۾ گهرايو ويندو ۽ اهي پنهنجا آئيڊياز قوم آڏو رکندا جن مان چونڊيل آئيڊياز قومي پاليسي جو حصو بڻجندا، جڏهن ته اهي آئيڊيا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا ۽ هو ان تي انعام ڏيندو. هن ٻڌايو ته عوام پاران ايندڙ مختلف راءِ کي غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پروفيسر فيصل باري، مشرف زيدي، شاهه رخ خليل، عائشه رضا فاروق ۽ شزه تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ان تي عملدرآمد ڪندو، ان ??وقعي تي شرڪت ڪندڙن به پنهنجي راءِ ڏني. واضح رهي ته انوويشن حب جو قيام ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي. وزيراعظم جي پاليسي ٺاهڻ جي عمل ۾ سڀني ڌرين جي راءِ کي اهميت ملندي. باصلاحيت نوجوان افرادي قوت جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ جي لاءِ حب جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، انوويشن حب جو قيام پاليسي سازي ۽ ملڪي ۽ عوامي ضرورتن کي هم ??هن?? بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.