غذر – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستا?? جي علائقي بوبر، غذ?? جو دورو ڪيو ۽ برسات ۽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي غذ?? ۾ برساتن ۽ بوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هتي 17 ماڻهو فوت ٿيا، 249 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 794 چومايو مال مري ويو آهي ان سان گڏ وسيع زرعي زمين ۽ باغن کي به نقصان پهتو آهي. ان موقعي تي اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.