اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ يونان مان پهرين امدادي اڏام پاڪستان پهچي وئي. يونان مان امدادي سامان کڻي اها اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپو??ٽ تي لٿي. پرڏيهي آفيس موجب امدادي کيپ پاڪستان ۾ يونان جي اعزازي قونصلر اياز محمد لاکاني، پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائند?? سان گڏجي وصول ??ئي. پاڪستان يونان پاران امداد جي آجيان ڪئي آه??.