اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت ک?? سينيئر صحافي ارشد شريف جي ميت جلد وطن واپس آڻڻ جون ه??ايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي پرڏيه?? سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئ?? ته ميت واپس آڻڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ ڪينيا جي عملدارن سان رابطو رکيو وڃي. وزيراعظم پرڏيه?? سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئ?? ته اهي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪن.