رياض – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي درخواست تي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي ??زا?? ڪرڻ جو ح??م ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي اپريل 2022ع جي واقعي تي درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ گرفتار پاڪستانين جي ??زا??ي جي درخواست ڪئي هئي. مدينه منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي 8 سال ۽ ٽن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. خواجه لقمان، محمد افضل، غلام محمد کي 8 سال ۽ نس، ارشد ۽ محمد سليم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هڪ ٻئي پاڪستاني طاهر ملڪ کي به ٽي سال قيد ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ هنيو ويو هو. وزيراعظم جي درخواست تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي ??زا??ي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي ??زا?? ڪرڻ جو ح??م ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ٿورا مڃيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عطا فرمائي.